سکر : آدم شاھ ڪالوني ۾ بجلي چوري ڪرڻ دوران ايڪسپريس فيڊر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ڄڻا سيد نياز شاھ

سکر : آدم شاھ ڪالوني ۾ بجلي چوري ڪرڻ دوران ايڪسپريس فيڊر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ڄڻا سيد نياز شاھ ۽ محمد يوسف آرائين فوت لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو۔ تفصيل موجب ـسکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد آدم شاھ ڪالوني ۾ بجلي چوري ڪرڻ دوران 2 ڄڻا 44 ورھين جو نياز شاھ پٽ پيرل شاھ ۽ بجلي ٺاھيندڙ محمد يوسف آرائين پٽ محمد ابراھيم آرائين بجلي چوري ڪندي سيپڪو جي ايڪسپريس تارن ۾ ھڻڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب اليڪٽريشن محمد يوسف ڦاسي پيو بجلي جي ڪرنٽ واري تار مان ڇڏائيندي سيد نياز شاھ کي بجلي ھٿيڪو ڪري ڇڏيو جنهن بعد ٻئي ڄڻا بجلي جي ڪرنٽ سبب سڙي زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خانگي اسپتال حرا ميڊيڪل سينٽر پھچايو ويو جتي ھو سڙڻ جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي پوليس پھچي وئي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيا بغير پوسٽ مارٽم جي ٻنھي فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا۔آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ان ڏس ۾ حد ٿاڻي جي وڏي منشي جو چوڻ ھو ته واقعو بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب پيش آيو آھي پر وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪندي واقعو اتفاقي قرار ڏنو ويو آھي۔