سکر: اسمال ٽريڊرز جي صدر، ايس ڊي اي چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ جو وڏو پٽ محمد دانش ميمڻ، ڀاءُ حافظ محمد نديم ميمڻ ۽ ڀائيٽن جي عمري جي ادائيگي کان پوءِ سکر پهچڻ تي حاجي محمد جاويد ميمڻ پاران سندس پنهنجي رهائش گاهه تي خيرات في سبيل الله جو

سکر: اسمال ٽريڊرز جي صدر، ايس ڊي اي چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ جو وڏو پٽ محمد دانش ميمڻ، ڀاءُ حافظ محمد نديم ميمڻ ۽ ڀائيٽن جي عمري جي ادائيگي کان پوءِ سکر پهچڻ تي حاجي محمد جاويد ميمڻ پاران سندس پنهنجي رهائش گاهه تي خيرات في سبيل الله جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر جي مختلف سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست، واپاري تنظيمن جي اڳواڻن، مٽ مائٽن، دوستن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي معروف مذهبي اڳواڻ مفتي محمد چمن زمان قادري دعا پڻ ڪرائي ان موقعي تي حاجي محمد جاويد ميمڻ، مفتي محمد چمن زمان قادري جو چوڻ هو ته خانه ڪعبي ۽ روضه رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي زيارت سڀ کان وڏي سعادت ۽ خوش نصيبي آهي، مڪي مڪرمه ۽ مديني پهچي ڪري انسان دنيا جي سڀني ڏکن، پريشانين ۽ مشڪلاتن کي وساري ڇڏي ٿو. هن جو چوڻ هو ته قرآن ۽ سنت تي مڪمل عملدرآمد ڪري سڀني پريشانين ۽ مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اسان پنهنجي اختلافن کي ختم ڪري امن ،محبت، ڀائيچاري کي عام ڪري پنهنجي زندگين کين انسانيت جي خدمت جي لاءِ وقف ڪريون جنهن سان الله تعالي به راضي ٿيندو آهي ۽ قلبي سڪون به حاصل ٿيندو آهي، ان موقعي تي هن عالم اسلام جي سربلندي، وطن عزيز پاڪستان جي استحڪام، خوشحالي، سلامتي ۽ سڀني مسلمانن کي خانه ڪعبي ۽ روضه رسول جي زيارت نصيب ٿيڻ جي دعا پڻ ڪرائي.