سکر : اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ سکر، جيڪب آباد کان هلندڙ واحد منافع بخش ٽرين سکر ايڪسپريس جو اڳوڻو ٽائم بحال ڪرائڻ جي لاءِ وفاقي وزير ريلوي، چيئرمين ريلوي، جنرل منيجر ريلوي، ڊي ايس ريلوي سميت ٻين اختيارين کي تحريري خط موڪلي ڇڏيا، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سکر ايڪسپريس جو سکر اسٽيشن کان روانگي جو پراڻو ٽائيم رات 9.45 وڳي بحال ڪري واپارين ۽ شهرين جي پريشانين جو خاتمو ڪيو وڃي. موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته سکر کان ڪراچي تائين هلندڙ واحد سکر ايڪسپريس منافعي بخش ٽرين آهي، جنهن ۾ عام مسافرن سان گڏوگڏ اندروني سنڌ جي واپاري برادري به پنهنجي تجارتي سرگرمين جي سلسلي ۾ سفر ڪندا آهن. سکر ايڪسپريس ٽرين جو سکر اسٽيشن کان اڳوڻو ٽائيم رات 9.45 وڳي هو ۽ واپاري برادري پنهنجون تجارتي سرگرميون ختم ڪري سکر ريلوي اسٽيشن تي آساني سان پهچي ويندا هئا. پر هاڻ هڪ سوچي سمجهي سازش جي تحت هن منافعي بخش ٽرين کي به تباهه ڪيو پيو وڃي، ريلوي جي آفيسرن سکر ايڪسپريس ٽرين جو سکر کان روانگي ٽائيم تبديلي ڪري جيڪب آباد کان روانگي ٽائيم شام 5 وڳي ۽ سکر ريلوي اسٽيشن کان روانگي ٽائيم شام 7.40 وڳي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري واپارين کي شديد ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. واپاري برادري وقت تي اسٽيشن پهچڻ کان قاصر آهن، ڪيترائي واپاري ۽ شهري پريشاني جي عالم ۾ پرائيوٽ بسن جي ذريعي سفر ڪرڻ کان محروم آهن، ريلوي کاتي جي آفيسرن جي اهڙي قسم جي قدمن سان جتي واپاري برادري ۽ شهرين کي پريشاني آهي اتي ريلوي کي به خسارو ٿي رهيو آهي واپاري برادري جي مطالبي کي نظر ۾ رکندي سکر ايڪسپريس جو اڳوڻو ٽائيم بحال ڪري واپارين ۽ شهرين جي پريشانين کي ختم ڪيو وڃي جنهن سان عوام کي سفري سهولتون ميسر اچڻ سان گڏوگڏ ريلوي جي آمدني ۾ به سٺو اضافو ٿيندو. ان سلسلي ۾ حاجي محمند جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته اسان واپارين ۽ شهرين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي سکر ايڪسپريس جو اڳوڻو ٽائيم بحال ڪرائڻ جي لاءِ تحريري خط موڪلي ڇڏيا آهن.اميد آهي ته ريلوي اختياريون سکر ايڪسپريس ٽرين جو اڳوڻو ٽائيم بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندا.