سکر: اسپيشل برانچ پوليس اهلڪارن جي گرفتاري خلاف متاثر عورتن،مرد ۽ ٻارڙن پاران سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

سکر : اسپيشل برانچ پوليس اهلڪارن جي گرفتاري خلاف متاثر عورتن،مرد ۽ ٻارڙن پاران سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،احتجاجي مظاهرو ڪندي متاثرن پاران جيڪب آباد پوليس خلاف سخت ناري بازي ڪئي ،ان موقعي تي متاثرن شمائلہ خاتون ،خديجہ ،افشان ،محمد بلال،زين علي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسپيشل برانچ جي پوليس اهلڪار شاهد خان ۽ ٻيا اهلڪار ٻن افغانين کي چمن بارڊر تي ڇڏي واپس اچي رهيا هئا ته انهن کي جيڪب آباد پوليس گرفتار ڪري ورتو جتي هنن پنهنجو تعارف ڪرايو ته اسپيشل برانچ کان آهيون ته پوليس ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اوهان ماڻهن ڊسٽرڪٽ پوليس خلاف آئي جي سنڌ کي رپورٽ ڏني هئي جنهن ڪري اوهان کي گرفتار ڪيو آهي ،احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته گرفتار پوليس اهلڪارن جي گاڏي ۾ جيڪب آباد پوليس منشيات رکي وڊيو ٺاهيو آهي جڏهن ته اهي اسپيشل برانچ جا اهلڪار 35 چيڪ پوسٽن کان ڪراس ڪري آيا هئا اتي انهن کي نه روڪيو ويو جيڪب آباد جي حد ۾ ايندي ئي پوليس کين گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ،احتجاج ڪندڙن متاثرن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته ڊسٽرڪٽ پوليس گرفتار پوليس اهلڪارن کي ذاتي انتقام جو نشانو بڻايو آهي انهي جو نوٽيس وٺندي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ گرفتار اسپيشل برانچ جي اهلڪارن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي