سکر : ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي حڪم تي ضلعي ۾ سماجي براين خلاف اسپيشل ريڊ ٽيم جون ڪارروايون ٽن ڏينهن دوران سماجي براين ۾ملوث 30 جوابدار گرفتار.گٽڪو۔پان پراگ۔ماوا۔نشي آور سوپاريون ۽ ٻيو سامان هٿ

سکر : ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي حڪم تي ضلعي ۾ سماجي براين خلاف اسپيشل ريڊ ٽيم جون ڪارروايون ٽن ڏينهن دوران سماجي براين ۾ملوث 30 جوابدار گرفتار.گٽڪو۔پان پراگ۔ماوا۔نشي آور سوپاريون ۽ ٻيو سامان هٿ.سماجي براين تي ضابطو نه آڻڻ تي سٽي سکر جا چار ايس ايڇ اوز معطل لائن حاضر۔سماجي براين جي سرپرستي ڪندڙ يارهن اهلڪار نوڪري مان برطرف ان سلسلي۾ ايس ايس پي سکر جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سکر جي نئون ڳوٺ واري علائقي ۾ ايس ايس پي سکر جي اسپيشل ريڊ ٽيم جي ڪامياب ڪارروايون،گٽڪا ماوا ٺاهڻ واري گهر تي ڇاپو، ڇاپي دوران ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدارن ۾ سعيد ۔فيضان ۽ ارسلان شامل آهن، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ منشيات، گٽڪا ۽ ٻين سماجي براين جي سرپرستي ۾ ملوث سٽي سب ڊويزن جي چئن ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري لائن حاضر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 11اهلڪارن کي سماجي براين جي سرپرستي ڪرڻ جي ڏوھ ۾ نوڪرين مان نيڪالي ڏني وئي آھي برطرف ٿيل اهلڪار پوليس کاتي ۾ ڪاررڍون هئا۔ معطل ٿيلن ۾ ايس ايڇ او اي سيڪشن، ايس ايڇ او بي۔ايس ايڇ او سي ۽ ايس ايڇ او نئون پنڊ شامل آهن، جڏهن ته سماجي براين جي سرپرستي ڪندڙ 11 پوليس اهلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آھي۔ ترجمان ايس ايس پي سکر موجب گذريل ٽن ڏينهن دوران 30 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. سماجي براين ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آھن انهن جي قبضي مان گٽڪو تيار ڪرڻ جو سامان ماوا۔نشي آور سوپاريون پان پراگ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو هو، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ ريڊ ٽيم جي ڪاررواين تي مبارڪباد جو پيغام ڏنوآھي اسي ايس پي چيو آھي ته جنهن به ايس ايڇ اوز جي حد ۾ سماجي براين جي نشاندھي ٿي ته ان حد جي ايس ايڇ او کي گهٽ ۾ گهٽ سزا معطل ڪرڻ هوندي۔