سکر: ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي هدايت تي سکر پوليس پاران سماجي براين ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون.

سکر: ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي هدايت تي سکر پوليس پاران سماجي براين ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون. ايس ايڇ او اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروايون ڪندي 6 جوابدار گرفتار، نئي ڳوٺ جي ويجھو خفيه اطلاع تي ڪارروائي جي دوران جوابدارن جي هٿ مان 2200گرام چرس 22 عدد شراب جون بوتلون 19عدد چوري ٿيل موبائل فون، ڊجيٽل ڪئميرائون، فورڪس، ڪٽر ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن ۾ شير محمد عرف شيرو، رومان رئيس بنداڻي، فيروز جمالي شامل آهن.۽ ٻين اسنيپ چيڪنگ آپريشن دوران جوابدارن جي قبضي مان 1010 گرام چرس ۽ 150 کان وڌيڪ گٽڪا هٿ ڪيا ويا، گرفتار جوابدارن ۾ عبدالرئوف شيخ، نادر لانگه ۽ حذيفه راجپوت شامل آهن، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ پوليس ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي ۽ آپريشن کي تيز ڪرڻ جا به پڻ حڪم جاري ڪري ڇڏيا .