سکر: جامعه اشرفيه سکر جي صدر ۽ نامور ديني اسڪالر مولانا ڊاڪٽر محمد اسعد ٿانوي چيو آهي ته رمضان جو مهينو بک ۽ اڃ جو نالو نه آهي پر رمضان جو مهينو ايمان ۽ پرهيزگاري کي وڌائڻ جو مهينو آهي.الله کي راضي ڪرڻ ۽ نعمتون حاصل ڪري رمضان المبارڪ جون برڪتون حاصل ٿي سگهن ٿيون ۔پرهيزگاري کانسواءِ ممڪن نه آهن، دعائون گهرو ڏکن ۽ مصيبتن ۾ مبتلا انسانن جي مدد ڪريو، مقدس ڏينهن تي مسڪينن محتاجن ۽ غريب انسانن جي عملي مدد دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي جو سبب آهي هڪ ٻئي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون. هن مبارڪ مهيني ۾ توحيد جي عقيدي کي اجاگر ڪيو، ان جي تازگي کي محسوس ڪيون ۔رب جي حڪمن تي عمل ڪندي روزا رکون ڇو ته رمضان دراصل توحيد جو مهينو آهي.