سکر: جي بندر روڊ حيات مسجد واري علائقي جي رهواسي پ پ جيالي پرويز ميراڻي نوڪري مان جبري برطرفي خلاف معصوم پٽ سان گڏ سکر پريس ڪلب ٻاهران  احتجاج ڪندي پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت کي اپيل ڪئي آھي

سکر:جي بندر روڊ حيات مسجد واري علائقي جي رهواسي پ پ جيالي پرويز ميراڻي نوڪري مان جبري برطرفي خلاف معصوم پٽ سان گڏ سکر پريس ڪلب ٻاهران  احتجاج ڪندي پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت کي اپيل ڪئي آھي ته  نوڪري بحال ڪئي وڃي سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جو پراڻو ورڪر آھي پ پ قيادت 2008 ۾ اوقاف کاتي سکر ۾ڪانٽريڪٽ تي نوڪري ڏياري هئي ڪجھ سالن کانپوء کيس پڪو ڪرڻ بجاء 2012 ۾ نوڪري مان ئي جبري برطرف ڪري بي روزگار ڪيو ويو۔ ڪيترن ئي سالن کان بي روزگاري سبب گهر ۾ فاقه ڪشي واري صورتحال آھي پئسا نه هجڻ ڪري بيمار گھر ڀاتين جو علاج به نه ٿو ڪرائي سگهان۔پرويز ميراڻي پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري۔آصف علي زرداري ۽ اوقاف کاتي سنڌ جي وزير۔سيڪريٽري اوقاف کي اپيل ڪئي آھي ته نوڪري بحال ڪري فاقه ڪشي کان بچائڻ سميت عيد جون خوشيون ملهائڻ لاء نوڪري بحال ڪئي وڃي۔