سکر جي عيد گاھ لڳ هل ٽاپ بار بي ڪيو جي هوٽل ۾ پراسرار طور تي باهه لڳي وئي، فائربرگيڊ موقعي تي پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو، هوٽل ۾ رکيل سامان سڙي رک ٿي ويو، تفصيل موجب سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد عيدگاه روڊ تي پير الاهي بخش ٽاور (هل ٽاپ) باربيڪيو اينڊ ريسٽورنٽ جي احاطي ۾ ڪچري جي ڍير ۾ پراسرار طور تي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هوٽل ۾ رکيل سامان سڙي رک ٿي ويو،فائربرگيڊ کي فوري طور اطلاع ڏنو ويو. فائر برگيڊ عملو موقعي تي پهچي باهه کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي ڇڏيو، فائر برگيڊ عملي موجب باهه ڪچري جي ڍير مان لڳي جنهن ڏسندي ڏسندي ئي پوري هوٽل کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو پر باهه تي ضابطو آندو ويو آھي۔هوڏاهن هوٽل مالڪ جو چوڻ آھي ته لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي۔