سکر :جي نئون پنڊ واري علائقي پٺاڻ ڪالوني جي رهواسي علي محمد بلوچ پنهنجي پٽ احرام خان سان گڏ سکر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جو پنهنجي برادري جي ماڻهن سان جھيڙو ٿيو هو، جوابدار رفيق ۽ بشير بلاجواز اسان تي تشدد ڪري فرار ٿي ويو هو، اهڙي فرياد نئون پنڊ ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پوليس جوابدار رفيق کي گرفتار ڪري رشوت وٺي ڪجهه ڪلاڪن بعد آزاد ڪري ڇڏيو، جوابدار ڌر بااثر هجڻ سبب سندن خلاف ڪارروائي ناهي ڪري رهي، هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.