سکر :جي گورنمنٽ شوڪت السلام ايليمينٽري اسڪول مائڪرو ٽاور ۾ سال 2023 جي امتحان ۾ پاس ٿيندڙ ٻارن سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ورهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي

سکر :جي گورنمنٽ شوڪت السلام ايليمينٽري اسڪول مائڪرو ٽاور ۾ سال 2023 جي امتحان ۾ پاس ٿيندڙ ٻارن سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ورهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مهمان خاص تعلقا ايجوڪيشن آفيسر خان محمد بگٽي ۽ اعزازي مهمانن ۾ سينيئر صحافي شفيع محمد ابڙو ۽ ڪاشف علي ڦلپوٽو سميت شاگردن جي والدين ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پاس ٿيندڙ ٻارن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ انعامي ٽرافيون توڙي ميڊل ورهايا ويا. پوزيشن حاصل ڪندڙ ڇهين ڪلاس جي شاگردن ۾ پهرين پوزيشن حاڪمزادي مهر، ٻئين پوزيشن امتياز گڏاڻي ۽ ٽئين پوزيشن امبرين مهر حاصل ڪئي جڏهن تہ ڪلاس ستين ۾ ضمير احمد ڀرچونڊ پهرين عبدالقادر چانڊيو ٻئي ۽ غلام صغرا مهر ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي جڏهن ته ڪلاس اٺين ۾ سراج اڪبر پهرين محمد فرحان ٻئين ۽ سيد جلال شاھ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي جڏهن پهرئين کان پنجين ڪلاس تائين جي پڻ پوزيشن حاصل ڪندڙن کي ميڊل ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، تقريب دوران شرڪت ڪندڙ مهمان خاص تعلقا ايجوڪيشن آفيسر خان محمد بگٽي،اعزازي مهمان شفيع محمد ابڙو ۽ ڪاشف ڦلپوٽو ۽ هيڊ ماستر امتياز احمد ميمڻ ۽ عبدالرسول مهر ٻارڙن انعام ۽ ميڊل تقسيم پوزيشن حاصل ڪندڙ ٻارڙن کي شاباس ڏني، ان کان اڳ اسڪول جي استادن تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ اسڪول جي مسئلن بابت آگاھ ڪيو، تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر صحافي شفيع محمد ابڙو چيو ته تعليم انسان جي ٽئين اک هجڻ سان گڏ معاشري ۾ زندگي گھارڻ جو اصل سبب هوندي آهي، تعليم ئي آهي جيڪا انسانيت جو درس ڏيڻ سان زندگي کي بهتر نموني گذارڻ توڙي حلال روزگار ڪرڻ جو اصل سبب بڻجندي آهي سڀني شاگردن کي محنت ڪري اصل زندگي جا گُر سکر والدين ۽ گهر ڀاتين جي عزت ۽ مدد ڪرڻ گهرجي جڏهن ته پاس ٿيندڙ شاگردن ۽ استادن کي مبارڪ باد ڏيندي کين سلام پيش ڪيو! سينيئر صحافي ڪاشف ڦلپوٽو چيو ته تعليم ئي واحد شيء آهي جنهن سان ٻار سٺو انسان، والد ڀاء ۽ دوست بڻجي پنهنجي ۽ گهروارن جي عزت ۽ ترقي ۾ واڌارو ڪري سگهي ٿو جنهن لاءِ هن اسڪول جي شاگردن کي تعليم طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو جڏهن تعلقا ايجوڪيشن آفيسر خان محمد بگٽي تقريب کي خطاب ڪندي اسڪول جي انتظاميا جو شڪريو ادا ڪندي ڪامياب شاگردن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته تعليم انسان جي ٽئين اک آهي بهتر تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد هن ملڪ جو مستقبل آهن ھن اسڪول جي شاگردن جي محنت کي ڏسي استادن کي جس ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي، سنڌ جو تعليم کاتو معياري تعليم لاءِ ڪوشان آهي هن اسڪول ۾ فرنيچر سميت استادن جي کوٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون تہ جيئن هن اسڪول جي ٻارن کي بهتر کان بهتر تعليم ميسر ٿي سگهي، ان موقعي تي اسڪول جي استادن آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو