سکر :خادم حسين منگي ھيڊ ماستر گورنمينٽ ڊبل سيڪشن ھاء اسڪول سکر کي ترقي (پروموشن ) ملڻ تي تعليم دوستن طرفان خوشي ۽ مسرت جو اظھار ڪيو ويو آھي . خان محمد بگٽي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ، عاشق حسين مھر صدر گسٽا يونٽ ڊبل سيڪشن ھاء اسڪول سکر ، حاجي اشفاق احمد مھر ، گسٽا اڳواڻ تعلقه سکر ، محمد علي مھر ھيڊ ماسترگورنمينٽ ھاء اسڪول اي ۔ ڊي ۔ سي ۔ ڪالوني سکر ، ظھير احمد ابڙو اڳوڻو انچارج ھيڊ ماستر ، سائنس ٽيچرس ثناء الله انصاري ، علامه محمد علي قاسمي ،گسٽا يونٽ اڳواڻن علامه مولانا غلام عباس ڀٽي ، شاھنواز سومرو ، اشفاق احمد ميمڻ ، استادن طارق علي سومرو ، مشتاق علي لنڊ ، اسٽاف جي ساٿين غلام الله جمالي ، نورنبي ، آپڪا اڳواڻ شوڪت علي بلوچ ۽ ٻين سڀني استادن ، اسٽاف ميمبرن ۽ ضلعي جي تعليم دوست آفيسرن کيس آفيس پھچي مبارڪون ڏنيون ۽ گلن جا ھار پارايا ۽ خادم حسين منگي جي مثالي استاد کان ترقيون ماڻيندي سينيئر ھيڊ ماستر ٿيڻ تائين تعليم جي کيتر ۾ ڪيل محنتن جي واکاڻ ڪئي . سنڌ حڪومت جي ، تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري جي تعليمي ترقيء لاء کنيل قدمن جي واکاڻ به ڪئي ۽ چيو ته جيترو ڪم سيڪريٽري صاحب ڪري رھيو آھي بھتر آھي پر تقاضا اھا آھي ته ان کان ٻيڻ تي وڌيڪ تيزيء سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي . ايڇ ۔ ايس ۔ ٽي ۔ کان ايس ۔ ايس ۾ فوري طور تي وڏي پئيماني تي پروموشن ڪيا وڃن جيئن استادن جي کوٽ ختم ٿي سگھي . خادم حسين منگي جي ايام ڪاريء ۾ اسڪول جي ٻارن سڀني سرگرمين ۾ نمايان پوزيشنون حاصل ڪيون . خادم حسين منگي سڀني جا ٿورا مڃيا ۽ شڪراني طور مٺائي ورھائي ويئي .