سکر: روهڙي جي رهواسي 12 سالہ معصوم ٻارڙي سان مبينا جنسي زيادتي ،غريب والدين متاثر ٻارڙي مسڪان پٺاڻ سميت انصاف لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي ويا،

سکر: روهڙي جي رهواسي 12 سالہ معصوم ٻارڙي سان مبينا جنسي زيادتي ،غريب والدين متاثر ٻارڙي مسڪان پٺاڻ سميت انصاف لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي ويا،ان موقعي تي متاثر والدين جو چوڻ هو ته بااثر عقيل راجپوت پاران اسان جي معصوم نياڻي کي مسلسل ٽن مهينن کان زيادتي جو نشانو بڻايو آهي هنن چيو ته اسان جي نياڻي جوابدار عقيل راجپوت جي گهر ٽيوشن وٺڻ لاءِ ويندي هئي جتي هن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي ،مبينا جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل نياڻي مسڪان جي والدين جو چوڻ هو ته بااثر عقيل راجپوت اسان جي نياڻي جو وڊيو ٺاهيو هو جنهن تان ٻارڙي کي خاموش رهڻ لاءِ بليڪ ميل ڪندو رهيو هو ،جڏهن ته جوابدار عقيل راجپوت الٽو اسان کي بليڪ ميل ڪري مختلف قسمن جا الزام هڻي رهيو آهي،هنن چيو ته بااثر جوابدار اسان جي معصوم نياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻائي اسان کي منهن ڏيکارڻ لائق ناهي ڇڏيو هن اسان جي نياڻي جي زندگي تباھ ڪري ڇڏي آهي اسان کي اهو به ڊپ آهي ته هو ميڊيڪل نه تبديل ڪرائن،ان موقعي تي مبينا جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل نياڻي مسڪان جو چوڻ هو ته چاچو عقيل راجپوت مونکي مسلسل جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندو پيو اچي وڊيو ٺاهي خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندو پيو اچي،ان موقعي تي سهارا فائونڊيشن جي اڳواڻ حنا لاڙڪ جو چوڻ هو ته جوابدار ايترو ته بااثر آهي جو لاڪپ ۾ هجڻ باوجود اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ لاڪپ ۾ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري رهيو آهي هن چيو ته جوابدار عقيل راجپوت ٻارڙي جي زندگي تباھ ڪري ڇڏي آهي انهي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي