سکر: روهڙي جي علائقي ڀورڻ شاھ جي رهواسڻ پيرسن عورت انصاف لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي وئي،متاثر عورت منظور خاتون پنهنجي ننهن ۽ ان جي ڀائرن جي ناجائزين خلاف احتجاج ڪيو

سکر :ملڪ روهڙي جي علائقي ڀورڻ شاھ جي رهواسڻ پيرسن عورت انصاف لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي وئي،متاثر عورت منظور خاتون پنهنجي ننهن ۽ ان جي ڀائرن جي ناجائزين خلاف احتجاج ڪيو ،ان موقعي تي متاثر پيرسن عورت جو چوڻ هو ته منهنجي ننهن ۽ ان جي ڀائرن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي منهنجي ننهن بلقيس ننڍي ننڍي ڳالهه تي جهيڙو ڪري رهي آهي پوءِ پنهنجي ڀائرن راشد ،ڪاشف ۽ امجد کي گهرائي اسان مٿان تشدد ڪرائي رهي آهي جڏهن ته منهنجي ننهن بلقيس اسان کان فضول ڪمن لاءِ پيسا گهري رهي آهي نه ڏيڻ تان ڀائرن کي گهرائي منهنجي پٽ محمد بچل ۽ مونکي تشدد جو نشانو بڻائي رهي آهي،هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي گهر لاءِ جڏهن به راشن وٺي ٿا اچون اهو راشن هن جا ڀائر کڻي هليا ٿا وڃن ۽ اسان بکن تي زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون،متاثر پيرسن عورت جو چوڻ هو ته منهنجي پٽ محمد بچل پٺاڻ جي گهر واري بلقيس جون ٻه شاديون ٿيل آهن ۽ هاڻي ھيء ٽي شادي جي شڪر ۾ آهي ۽ اسان کي روزانو مختلف طريقن سان حرا سان ڪري بليڪ ميل ڪري رهي آهي ته جيئن محمد بچل کان طلاق وٺي ملڪيت مان حصو وٺان ،هن چيو ته منهنجي پٽ جي گهر واري جا ڀائر منهنجي پٽ جي جان جا دشمن ٿي پيا آهن اهي هن کي جان کان مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،هن ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي