سکر, سومرا محلا جي رهواسي خالد محمود ۽ طلحہ مغل سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي

سکر, سومرا محلا جي رهواسي خالد محمود ۽ طلحہ مغل سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته کوکر برادري جا ماڻهو اسان کي بنا وجهه تنگ ڪري رهيا آهن اسان جو ذاتي پلاٽ آهي جتي اسان پنهنجو گهر تعمير ڪرائي رهيا آهيون پر کوکر برادري جا بااثر ماڻهو ڪامران ،طاهر،امجد،بلا،عمران کوکر ۽ ٻيا اسان سان ناانصافيون ڪري رهيا آهن هنن چيو ته اسان پنهنجي ذاتي پلاٽ تي گهر جو ڪم شروع ٿا ڪرايون ته بااثر کوکر برادري جا ماڻهو اچي ڊاھ ڊوهه ڪري هليا ٿا وڃن جڏهن ته اسان هنن کي روڪڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون ته اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،هنن وڌيڪ داهيندي چيو ته اهڙو شڪايتون اسان ڪيترا ئي ڀيرا بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ڏانهن کڻي ويا آهيون پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان ڪيٻائي رهي آهي،هنن چيو ته سکر جي ٿاڻي بي سيڪشن پوليس بااثر جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي هنن کان ڳري رشوت ورتي آهي جيڪا بااثرن خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري، هنن ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته انهيءَ جو نوٽيس وٺندي بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي