سکر :ضلعي انتظاميه ۽ سکر پوليس جي خاموشي، مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ رمضان آرڊيننس جي کليل خلاف ورزيون جاري . سماجي حلقن ۽ روزيدارن پاران رمضان آرڊيننس تي عمل ڪرائڻ جو مطالبو ان سلسلي ۾ رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني دوران شهر جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ رمضان آرڊيننس جي کلي عام خلاف ورزيون جاري آهن، شهر جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ چانهه، ماني جو وڪرو ٿي رهيو آهي. سکر جي مختلف علائقن ۾ اسپتالن جي ڀرسان قائم اسپتالن ۽ شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ قائم هوٽل مالڪن سکر انتظاميه کان اجازت ورتي ته آهي پر انهن هوٽلن تي اسپتالن ۾ مريضن ۽ رهواسين کي چانهه ۽ کاڌي پيتي جون سهولتون فراهم ڪرڻ بجاء مهانگي اگھ تي بي روزيدارن کي به کاڌو وڪرو ڪن پيا ان ڏس ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سکر ضلعي جي سمورن تعلقن سميت سکر شهر ۾ هوٽل مالڪن به پوليس جي مدد سان پنهنجو ڪاروبار جاري رکيو آهي، جتي ڪنهن به روڪٿام جي هوم ڊليوري سميت پردا ڏنل هوٽلن ۾ روزا خورن کي چانهه ۽ کاڌو ڏنو پيو وڃي جتي هوٽلن اندر ۽ ٻاهر ماڻهن جو رش آهي، سکر جي شهر ۽ روزيدارن ضلعي انتظاميا ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته رمضان آرڊيننس جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.