سکر : علائقي ٽائون شپ جي رهواسڻ بيوه نسيم خاتون خاتون پنهنجي ماءُ بادام خاتون ۽ ٻارڙن سان گڏجي سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته منهنجو مڙس امداد ککراڻي 15 مھینا اڳ فوت ٿي ويو آهي، سندس مڙس جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس ڀائرن ۽ ڀائيٽن ملڪيت تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، منهنجي پهاڄ زينت ابڙو به ملڪيت تي قبضي ڪرڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي، هنن ڳوٺ علي خان ۾ 7 ايڪڙ زرعي زمين، باغ ۽ هڪ پلاٽ تي قبضو ڪيو آهي ان کان علاوه سکر ۾ هڪ پلاٽ ۽ بنگلي جا فائل به پاڻ وٽ رکي ويٺا آهن، مڙس جي فوت ٿيڻ وقت منهنجي پهاڄ زينت ويهه تولا سونا زيور ۽ ريٽائرمينٽ جا ملي 17 لک رپيا به کڻي وئي آهي، هن چيو ته مون کي ستن ٻارن جي اولاد آهي جڏهن ته سندس پهاڄ کي ڪا به اولاد ناهي، ملڪيت مان حصو گهرڻ تي مون کي ۽ منهنجي ڀائرن کي جاني نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هن آئي جي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري سندن ملڪيت تان قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي