سکر : عورتن جي ڀلائي واري کاتي سنڌ جي وزير شهلا رضا چيو آهي ته سکر جي دارالامان مان فرار ٿيل عورت کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، سندس فرار ٿيڻ ۾ اندر ۽ ٻاهر جا ماڻهو ملوث آهن، ان ڪري جاچ جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۽ جيڪو به ملوث هوندو ان کي گرفتار ڪيو ويندو. گرفتار ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر جي دارالامان جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان کان اڳ هن دارالامان ۾ سڪيورٽي بابت اهم اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ڊي آء جي سکر۔ايس ايس پي سکر سميت لاڳاپيل کاتن ۽ ضلعي انتظاميا جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته دارالامان ۾ رهندڙ عورتن کي ٻاهران مدد ملندي آهي ته پوءِ ئي اهڙا واقعا پيش اچن ٿا، اهڙين عورتن کي نه رڳو موبائيل فون مليا آهن پر صوبي جي دارالامان ۽ سيف هائوسز مان پئسا به مليا آهن. سڪيورٽي سميت ٻيا مسئلا ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان مون سنڌ جي وڏي وزير کان وقت گهريو آهي، جلد ان بابت کيس آگاهه ڪندس، عورتون موجود آهن اسان وٽ گائيڊ لائينن مطابق اسٽاف جي کوٽ آهي ان ڪري 18 سالن کان گهٽ عمر وارا 12 سالن کان مٿي ڇوڪرين ۽ ٻارن کي دارالامان ۾ نه ٿو رکي سگهجي، انهن کي چائلڊ پروٽيڪشن يونٽن ۾ موڪليو وڃي، هوءَ سپر وومين نه هئي جيڪا ٽپو ڏئي وڏيون ديوارون پار ڪري هلي وئي صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته قانون موجب ڪنهن به عورت کي 90 ڏينهن کان وڌيڪ نه ٿو رکي سگهجي.پر دارالامان ۾ 90 ڏينهن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود عورتون ٻن ٽن سالن کان هتي رهي رهيون آهن، هن چيو ته هر اداري کي ٻين ادارن جي ايس او پيز جو به خيال رکڻ گهرجي، ميڊيا کي به ان حوالي سان مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔