سکر : عيد جي موقعي تي گلن، پنن ۽ نازبوء جا اگهه ٻيڻا ٿي ويا، عيد نماز پڙهڻ لاءِ ويندڙ ماڻهون پنهنجي پيارن ۽ مائٽن جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهي نازبوء جا پن رکندا آھن

سکر : عيد جي موقعي تي گلن، پنن ۽ نازبوء جا اگهه ٻيڻا ٿي ويا، عيد نماز پڙهڻ لاءِ ويندڙ ماڻهون پنهنجي پيارن ۽ مائٽن جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهي نازبوء جا پن رکندا آھن، ان سلسلي ۾ سکر جي مختلف قبرستانن ۾ رش وڌي وئي جڏهن ته سکر جي بابن شاهه، پير مراد شاهه، لعل مشائخ، نئون ڳوٺ ۽ ٻين قبرستانن ڏانهن ويندڙ روڊن تي هنڌن تي گلن جا عارضي اسٽال لڳي ويا۔عيد رات ۽ عيد جي نماز ادا ڪرڻ بعد ماڻهون سڀ کان پهريان قبرستان وڃڻ چاهين ٿا جتي مزارن ۽ مائٽن جي قبرن تي فاتح پڙھي گلن جي چادر چاڙهڻ سميت گلن جون پتيون ۽ نازبوء رکن ٿا جڏهن ته موقعي جو فائدو وٺندي گل فروشن گلاب جي گلن۔پتين ۔ناز بوء ۽ ٻين گلن جا اگھ ٻيڻا ڪري ڇڏيا آھن ، عام ڏينهن جي ڀيٽ ۾ 20 رپين ورا گل 40 روپيا ڪري ڇڏيا ۽ ٻين گلن جون قيمتون پڻوڌائي ڇڏيون آھن۔