سکر : قائد ملت جعفريه آغاسيد حامد علي شاهه موسوي جي اعلان موجب جنت البقيع جي خاتمي جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا جي شهرن جيان سکر ۾ به مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ قومي جذبي، عقيدت ۽ احترام سان تحريڪ نفاذ جعفريه ضلعي سکر ۽ شيعه ڪوآرڊينيشن ڪائونسل ضلعي سکر پاران يوم انهدام جنت البقيع جي موقعي تي ريليون ڪڍيون ويون. سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڌرڻو۔ سوني ڪوبي ۽ مجلس عزا ڪئي وئي ،ريلي ۾ تحريڪ نفاذ فقه جعفريه ضلعي سکر جي ڊويزنل صدر سيد سجاد حسين شاهه، سنڌ جو نائب صدر نياز حسين نوناري، ڊويزنل صدر سکر سيد سجاد حسين شاهه. سکر جي صدر آصف علي شاهه ايڊووڪيٽ، سيد ڪاشف علي شاهه نقوي، علامه غفار مهر، مولانا عرفان نجفي، مولانا امتياز علي شر، مولانا آصف علي جوهري، طارق حسين سولنگي، مهدي حسن هڪڙو، سيد حامد علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ريلي ۾ شيعا فورس جي جوانن، ٻين ماتمي تنظيمن جا عزادار، مختلف امام بارگاهن جا محافظ، لائير فورم جا وڪيل ۽ ٻيا شامل هئا، ريلي ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن چيو ته آل سعود اڄ کان 90 سال اڳ 8 شوال تي سعودي عرب ۾ جي جنت البقيع قبريتان ۾ بيبي فاطمه زهرا، بي بي حليمه، نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي آل ۔ امام حسن، معصومن ۽ اصحابن سڳورن جي مزارن ۽ جنگ احد جي شهيدن جي قبرن جا نشان به ختم ڪري ڇڏيا آھن . جنگ احد کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو،جڏهن ته بيت المقدس کي صيهوني دارالحڪومت ۾ تبديل ڪيو ويو آھي ۽ انبياء، اصحابن، اهل بيت ۽ اوليائن جي مزارن بي حرمتي ڪئي وئي اڳواڻن چيو ته جنت البقيع اسلامي دنيا جو گڏيل سرمايو آهي ۽ جنت البقيع جي تعمير ۽ ان جي حرمت جو احترام ڪرڻ وارو مطالبو اسلامي دنيا جي اڪثريت پاران ڪافي عرصي کان جاري آهي، ان ڪري جنت البقيع جي تعمير کي فوري طور تي يقيني بڻايو وڃي ۽ مسلمانن جي دلين ۾ موجود خلفشار جو ازالو ڪيو وڃي.