سکر: ملڪ جي ٻين شهرن جيان سکر ۾ به يوم تشڪر ملهايو ويو،ان سلسلي ۾ پي ٽي آئي

سکر: ملڪ جي ٻين شهرن جيان سکر ۾ به يوم تشڪر ملهايو ويو،ان سلسلي ۾ پي ٽي آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي جي هدايتن تي چيئرمين عمران خان پاران آئين موجب عدالت جي فيصلي تي سڄي ملڪ ۾ يوم شڪرگذاري جو ڏهاڙو ملهايو ويو. .تشڪر ڏهاڙي جي حوالي سان انصاف هائوس ملٽري روڊ سکر تي تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ صوبائي جنرل سيڪريٽري يوٿ ونگ عبدالعزيز ۽ سينيئر نائب صدر منور چوهاڻ. پي ٽي آءِ سکر پاران وڏي ٽي وي اسڪرين لڳائي وئي عمران خان جو لائيو خطاب ٻڌڻ لاء سوين ڪارڪنن سميت ماڻهن وڏي انگ ۾ شھرين به شرڪت ڪئي ۽ عمران خان جو خطاب ٻڌو ۽ يوم تشڪر  ملهايو.