سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي چونڊيل مڪاني نمائندن جي حلف برداري تقريب آءِ بي اي يونيورسٽي آڊيٽوريم هال ۾ اليڪشن ڪميشن پاران منعقد ڪئي وئي، سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي 32 يونين ڪميٽين جي چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي. يونين ڪميٽين جي عهديدارن کي حلف کڻايو ويو، تقريب جو خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر سکر شهزاد طاهر ٿهيم، ريجنل اليڪشن ڪمشنر، ايڊيشنل اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻيا هئا، حلف کڻندڙ نمائندن ۾ اڳوڻو ميئر ارسلان شيخ، اڳوڻو ڊپٽي ميئر طارق چوهاڻ، ميربحر ميمڻ ۽ ٻيا شامل هئا. عبدالرحمان مينگل، محمد ياسين آرائين، مختيار کوکر ۽ ٻيا شريڪ آهن، بعد ۾ حلف ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ميئرارسلان احمد شيخ چيو ته جيڪيڪمگذريل مدي ۾ مڪمل نه ٿي سگهيا، اهي جلد مڪمل ڪرائيندس، پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال. مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، تقريب جي پڄاڻي تي هال جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجي ويو ۽ جيالن پاران مڪاني ادارن جي نمائندنکي گلن جا هار پڻ پيش ڪيا ويا.مڪاني کاتي سنڌ جي اليڪشن جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد نون چونڊيل بلدياتي نمائندن جي حلف برداري جو سلسلو جاري آهي. ڊي سي سکر شهزاد ٿهيم ضلعي ڪائونسل سکر ۾ روهڙي ۽ پنوعاقل ٽائون ڪميٽين جي نون چونڊيل نمائندن کي حلف کڻايو، حلف برداري واري تقريب ضلعي ڪائونسل هال ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ ضلعي ڪائونسل سکر جي ميمبر سيد ڪميل حيدر شاهه، ويرم خان مهر، اڳوڻي ضلعي ڪائونسل چيئرمين سردار تقي خان ڌاريجو، سيد جاويد شاهه، مير يعقوب علي شاهه ۽ ٻين چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي.