سکر: يوم صحافت جي ڏهاڙي تي سکر يونين آف جرنلسٽس پاران سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي پنوعاقل پريس ڪلب جي صدر پريل دايو

سکر: يوم صحافت جي ڏهاڙي تي سکر يونين آف جرنلسٽس پاران سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي پنوعاقل پريس ڪلب جي صدر پريل دايو، سندس صحافي پٽ ارشاد دايو ۽ عرفان ڪلهوڙي جي اغوا ۽ تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته سرڪاري ملازمن کي صحافت مان برطرف ڪيو وڃي، ٺهراءُ پاس ڪندي هنن صحافي تنظيمن مان منشيات فروشن ۽ ڀتا خورن کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر راشد رضا خطاب ڪيو. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر رشيد رضا چيو ته صحافين کي پنهنجي حقيقي صحافي اڳواڻن جي سڃاڻ ڪرڻي پوندي ۽ صحافتي صفن مان ڪاري رڍن کي هٽائڻو پوندو، اجي لالواڻي جو قتل جڏهن ورڪنگ جرنلسٽس جي حصي ۾ آيو ته ان ڪري کيس انصاف مليو ۽ صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو، ان موقعي تي سکر نيشنل پريس ڪلب جي سينيئر نائب صدر رئوف عباسي. ۽ خازن سيد ڪامران علي چيو ته سکر نيشنل پريس ڪلب انتظاميا لاءِ ڪنڊو بڻيل آهي جو هتي غريب عوام جو آواز اٿاريو وڃي ٿو، هتي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي نمائندگي ناهي، رڳو مظلوم عوام جي نمائند