سکر : پاڪستان آلٽرنيٽو ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر سعيد اعواڻ چيو آهي ته عيد الاضحيٰ تي گوشت ضرور کائو پر اعتدال سان، قرباني هڪ مقدس فرض آهي

سکر:پاڪستان آلٽرنيٽو ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر سعيد اعواڻ چيو آهي ته عيد الاضحيٰ تي گوشت ضرور کائو پر اعتدال سان، قرباني هڪ مقدس فرض آهي، جيڪو هر استطاعت رکندڙ تي واجب آهي.ھڪ تندرست ء صحت مند جانور الله جي راهه ۾ قرباني ڪرڻ ۽ پوءِ ان جو گوشت پاڻ کائڻ، مائٽن ۽ مسڪينن کي کارائڻ سنت ابراهيمي جي ادائگي جو وسيلو آهي، قرباني کان 2 ڪلاڪ پوءِ گوشت پچائڻ گهرجي، ان کي پچائڻ لاءِ مکئي، سويابين جو تيل استعمال ڪرڻ گهرجي.گوشت ۾ ڪوليسٽرول جي مقدار هوندي آهي اها چڪنائي اسان جي شريانن ۾ جمع ٿي رت جي وهڪري ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿي، هڪ صحتمند ماڻهو سڄي ڏينهن ۾ 100 کان 150 گرام گوشت کائي سگهي ٿو، نوجوان وڌيڪ استعمال ڪري سگهن ٿا.وڏي عمر جا ماڻهن کي احتياط ڪرڻ گهرجي ته دل، گردہ ۽ جيرو وغيره کي نه کائي،گوشت سان گڏ ڀاڄيون فروٽ ۽ دہی ۽ سلاد گوشت سان وڌيڪ استعمال ڪن، وڌيڪ مصالحن ۽ لوڻ کان پرهيز ڪن، بلڊ پريشر، دل جي بيمارين جوڑوں جي درد، ڏندن جي بيمارين جا مريض. ۽ السر وارن کي تمام گهڻو گوشت کائڻ ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي، اڪثر صورتن ۾ گهڻو گوشت کائڻ سان دست، الٽي، گيس ۽ بدهضمي ٿيندي آهي، گوشت کي فريز ڪرڻ جي لاءِ چڱيءَ طرح گوشت سڪي ڇڏيو ۽ ننڍڙن پيڪٽن ۾ ٺاهيو، فريز کي ٻيهر فريز ڪرڻ حفظان صحت جي اصولن جي خلاف آهي.