پاڪ فوج سان يڪجهتي ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ريلي جي اڳواڻن عبدالقادر چاچڙ، محمد بچل مهر، ايڊووڪيٽ مير چاچڙ ۽ مير ممتاز مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا، اسان کي ملڪ ۽ ان جي حفاظت ڪندڙن سان پيار ڪريون ٿا. اسان هر ڏکئي وقت ۾ پاڪ فوج سان گڏ آهيون، فوجي تنصیبات تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اسان جي آرمي بھادر سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، اسان پنهنجي اعلي اختيارن کي اپيل ٿا ڪريون ته پاڪ فوج خلاف سازش ڪندڙ عنصرن کي سزا ڏني وڃي.