سکر : پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ملڪ کي سياستدانن ۽ عوام جي وڏين قربانين جي سبب ٺاهيو آهي. ملڪ بندوق جي زور تي ناهي ٺهيو۔اڃان به چون ٿا ته سياستدان خراب آھن ملڪ جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن، اسان سڀني کي پنهنجي ذاتي مفادن کان بالاتر ٿي

سکر : پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ملڪ کي سياستدانن ۽ عوام جي وڏين قربانين جي سبب ٺاهيو آهي. ملڪ بندوق جي زور تي ناهي ٺهيو۔اڃان به چون ٿا ته سياستدان خراب آھن ملڪ جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن، اسان سڀني کي پنهنجي ذاتي مفادن کان بالاتر ٿي ملڪ جي مفاد لاءِ سوچڻو پوندو، عمران خان حڪومت جي آءِ ايم ايف سان معاهدن سبب مهانگائي وڌي رهي آهي.جيڪڏهن ملڪ ۾ مهانگائي نه ٿئي ها ته ملڪ ديواليو ٿي وڃي ها ملڪ کي ديوالئي کان بچائڻ لاء وڏا فيصلا ڪرڻا پيا، جنهن سان اسان جو سڀ کان وڏو نقصان ٿئي ها اسان اڪيلا رهجي وڃون ها۔ڪڻڪ جو سرڪاري ريٽ 4000 رپيا ڪيو سين جيئن هاري خوشحال ٿي وڃي، اهڙو اظھار هن پ پ سٽي سکهر پاران اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي مان ۾ ڏنل عيد ملن پاٽي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته پيپاز پارٽي 18 هين ترميم ذريعي صدر کي اسيمبليون ٽوڙڻ جو اختيار کسي وزير اعظم کي ڏنو، جيڪڏهن اهو اختيار اڄ صدر وٽ هجي ها ته موجوده صورتحال ۾ صدر عارف علوي ۔عمران خان جو چوڻ تي اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ دير ئي نه ڪري ها پر شڪر آهي ته وٽس اهي اختيار ناهن، خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته اڄ جو دور سوشل ميڊيا جو دور آهي، ڪجهه به ڳجهو ناهي، اسان سکر کي رڪارڊ ترقي ڏني آهي، اڄ سکر کي يونيورسٽين جو شهر چيو وڃي ٿو. سکر ۾ صحت جون اهڙيون صحولتون آھن جو اهي پاڪستان جي ٻين شھرن ۾ گهٽ آھن ۔پيپلزپارٽي جي حڪومت هميشه عوام کي روزگار ڏنو پر عمران جي حڪومت عوام کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي.تقريب کي ايم اين اي نعمان اسلام شيخ۔ ايم اين اي ڊاڪٽر شازيه صوبيه سومرو۔وزير بلديات سيد ناصر حسين شاھ۔ٽرانسپورٽ کاتي سنڌ جو اڳوڻو وزير ايم پي اي سيد اويس قادر شاهه پڻ خطاب ڪيو، عيد ملن پارٽي تقريب ۾ پ پ سٽي صدر مشتاق سرهيو، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد مغل، چوڌري حسنين، ضلعي اڳواڻ ڊاڪٽر آفتاب. سومرو، ويرم خان مهر ۽ يوسي چيئرمين، وائيس چيئرمين سميت ٻين پارٽي اڳواڻن ۽ هزارين جيالن ۽ جيالين شرڪت ڪئي.تقريب ۾ شھيد پارٽي قائدين سميت مرحومين جي مغفرت ۽ سيد خورشيد احمد شاھ۔سينيٽر اسلام دين شيخ ۽ ٻين جي صحتيابي لاء دعا پڻ گھري وئي۔