سکر: پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سينيئر اڳواڻ اسلام دين شيخ جي هدايت تحت

سکر : پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سينيئر اڳواڻ اسلام دين شيخ جي هدايت تحت سکر جي يوسي نصير آباد جي ڳوٺ جعفر آباد سيد زاهد شاھ بخاري جي نگراني هيٺ لکڻ ۽ ڀٽا برادري پاران پي ٽي آئي کي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو،
جنهن ۾ سکر هائوس جي سينيئر ورڪر ۽ سماجي اڳواڻ سيد زاهد شاھ جي ڳوٺ لکڻ ۾ پهچڻ تي ڳوٺاڻن سندس مانائتو استقبال ڪندي کيس گلن جا هار پارائي سندن کي سنڌ جي ثقافتي ٽوپي جو تعفو پيش ڪيو، ان موقعي تي علائقي جي معزز شخصيت الله وڌايو لکڻ، مولا بخش لکڻ۔سليم لکڻ۔جاويد۔ امير لکڻ ۽ ڀٽا برادري جي ماڻهن پي ٽي آئي کي الوداع ڪندي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو باقائدا اعلان ڪيو ۽ پ پ چيئر مين بلاول ڀٽو زرداري۔نثار احمد کهوڙو۔اسلام دين شيخ  سميت پوري قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته پ پ شھيدن جي پارٽي آھي شھيد راڻي ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو مظلوم عوام کي حق ڏنا جيڪي عوام جي دلين ۾ زنده آھن ۽ رهندا سيد زاهد شاھ بخاري سان گڏجي سکر ۾ پيپلز پارٽي کي وڌيڪ مظبوط ڪنداسين ۽ اسلام دين شيخ ۔نعمان شيخ ۽ ميئر سکر ارسلان شيخ سان ٻاهن ٻيلي ٿي عوام جي خدمت ڪنداسين ان موقعي تي  سکر هائوس جي پ پ ورڪر سيد زاهد شاھ بخاري پ پ ۾ شامل ٿيڻ تي لکڻ ۽ ڀٽابرادري جي ماڻهن کي ويلڪم ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ئي سنڌ سميت ملڪ جي ٻين صوبن جي عوام جا مسئلا حل ڪيا۔روزگار ڏنو۔مهانگائي کي گهٽايو پر ٻين پارٽين خاص طرو پي ٽي آئي ملڪ کي تباھ ڪيو۔ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو.