سکر, پروفيسر اجمل ساوند جي قتل بابت سرچاء ميڙمنٿ قافلو پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي گهر پهچي ويو

وارثن پاران قافلي کي مان ڏيندي ڊاڪٽر اجمل ساوند جي چاچي علي نواز ساوند ۽ ڀاء ڊاڪٽر طارق ساوند ميڙمنٿ قافلي جي آجيان ڪئي، ميڙمنٿ قافلي ۾ سردار تيغو خان تيغاڻي، سردار لياقت ملڪ، بشير شاھ، محمد شاھ ۽ ٻيا معززین پڻ شامل هئا، ميڙمنٿ قافلو سرچاء ۽ ٺاھ بابت چيو، جنهن تي ڊاڪٽر طارق ساوند التجا ڪندي چيو ته پروفيسر اجمل ساوند جي معاملي تي ڪو به جرڳو نٿاڪرڻ چاهيون، پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي خون سان انصاف لاءِ توهان به اسان جي مدد ڪريو، اسان جي ڀاءُ جي قاتلن کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو هو سزا جا حقدار آهن،۽ سند سرچاء کان انڪار ڪري ڇڏيو.