سکر: پوليس جي ترجمان موجب ايس پي سکر سنگهار ملڪ روهڙي جي هڪ بزرگ تي تشدد جو نوٽيس ورتو،

سکر :پوليس جي ترجمان موجب ايس پي سکر سنگهار ملڪ روهڙي جي هڪ بزرگ تي تشدد جو نوٽيس ورتو، جنهن بعد ايس ايڇ او روهڙي بروقت ڪارروائي ڪندي واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو،پوليس ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب ايس ايس پي سکر. سنگهار ملڪ تشدد جي وڊيو وائرل ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن تي عمل ڪندي روهڙي پوليس ٻن جوابدارن هالار ميمڻ ۽ صدام اوڍاڻو کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو آھي۔