سکر: ڀرسان چڪ شهر جي رهواسي سيد برادري جي عورت ان جي پٽن، نياڻين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جو تر بااثر ماڻهن ۽

سکر: ڀرسان چڪ شهر جي رهواسي سيد برادري جي عورت ان جي پٽن، نياڻين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جو تر بااثر ماڻهن ۽ چڪ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي متاثر عورت سيده ڪشمير بيبي،صابر شاهه،رضا شاهه ،امداد علي کوسو،امين گولو،غلام شبير سنديلو ،اسلم ميمڻ زوهيب ميمڻ ۽ ٻين ميڊيا کي داهيندي چيو ته تر جي بااثر ماڻهن جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته اٺ ڏينهن اڳ علائقي جي بااثر ماڻهن لالا پپو پٺاڻ،جان محمد ۽ انهن جي پٽن عباس ،علي پٺاڻ ،وسيح حيدر پٺاڻ ۽ ٻين ٻارڙن جي راند تان گهر ۾ گهري بيبن،معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،جڏهن ته متاثر عورت سيده ڪشمير بيبي جو چوڻ هو ته هنن بااثرن پاران منهنجي پٽ زوهيب علي شاهه کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد کيس چڪ پوليس گرفتار ڪري بااثر ماڻهن کان ڳري رشوت وٺي منشيات جو ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو آهي،جڏهن ته متاثر عورت جو چوڻ هو ته ڏھ سال اڳ منهنجو ستن سالن جو پٽ سيد جان زيب شاھ گم ٿي ويو آهي هاڻي اسان کي شڪ آهي ته هنن ئي بااثر ماڻهن اسان جي معصوم ٻارڙي کي اغوا ڪري غم ڪري ڇڏيو آهي ،جڏهن ته اسان کي هنن ئي پٺاڻ برادري جي ماڻهن تي اهو به شڪ آهي ته سٺ سال اڳ منهنجا ٻه پٽ جيڪي ڪار ايڪسيڊنٽ ۾ شهيد ڄاڻايا ويا هئا انهن کي هنن ئي بااثرن شهيد ڪرايو آهي ،هنن چيو ته اسان غريب سيد برادري سان تعلق رکندڙ آهيون ۽ پٺاڻ برادري جا ماڻهو بااثر آهن ۽ هو اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ،هنن،آئي جي سنڌ ،ڊي آئي لاڙڪاڻو ،ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو آهي ته انهيءَ جو نوٽيس وٺندي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي .