سکر: چوري ٿي ويل موٽر سائيڪل واپس نه ملڻ خلاف خيرپور جي رهواسي ڪاڪا برادري برادري سان تعلق رکندڙ نعيم احمد ڪاڪا  پنهنجي ٻين مائٽن

سکر: چوري ٿي ويل موٽر سائيڪل واپس نه ملڻ خلاف خيرپور جي رهواسي ڪاڪا برادري برادري سان تعلق رکندڙ نعيم احمد ڪاڪا  پنهنجي ٻين مائٽن نذير ڪاڪا، امتياز ۽ ٻين سان گڏ سکر پريس ڪلب آڏو چوري ٿيل موٽرسائيڪل جي بازيابي نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته  ايس آءِ يو ٽي سکر يونٽ ۾ مريض کي ڏسڻ لاء پهنجي  سي ڊي سيونٽي جي موٽرسائيڪل کي اسپتال جي ٻاهران تالو هڻي اندر ويس ۽ جڏهن واپس آيس ته موٽر سائيڪل مجود نه هئي خبر پئي ته نامعلوم چور موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، جنهن بابت حد ٿاڻي ائرپورٽ تي رپورٽ داخل ڪرائي آھي  پر پوليس اڃا تائين موٽر سائيڪل هٿ نه ڪري سگهي آھي جنهن سبب هو سخت پريشان آھي۔ هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.