سکر: ڊريها اسٽاپ جو رهواسي پنهنجي پيءُ خلاف زال سميت سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي ويو

سکر : نيشنل پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالمجيب قاضي چيو ته 2020ع ۾ آسيه بلوچ سان ٻي شادي ڪرڻ تي اسان جو والد مجيد قاضي ناراض آهي، اسان جي زندگي حرام ڪري ڇڏي آهي، جنهن اسان تي 2 ڪوڙن ايف آءِ آر پڻ داخل ڪرايون آهن. اسان جي خلاف ناحق ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،ايف آئي آر مان به بري ٿي چڪو آهيان، کيس ٻيهر پوليس حراسان ڪري رهي آهي، هتي هتي دربدر آئي ڪيو پيو وڃي ۽ تشدد جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهيان ، منهنجو والد صاحب مون تي زبردستي ٻي گهرواري کي طلاق لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، کيس ٻي گهر واري مان ٻھ ٻار به آهن، هن کي ڪيئن مان هاڻي طلاق ڏئي پنهنجي ٻارن جي زندگي تباهه ڪري ڇڏيان، پهرين زال مان ٽي ٻار آهن، منهنجي پيءُ، چاچي ۽ ڏاڏي به ٻه شاديون ڪيون آهن، مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، اعلي اختيارن کان ۽ ايس ايس پي سکر سنگهار کي اپيل ٿو ڪريان ته برائي ڪرم منهنجي والد مجيد قاضي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.