سکر: ڊپٽي ڪمشنر سکر شهزاد طاهر ٿهيم چيو آهي ته شهادت حضرت علي عليه السلام جي ڏهاڙي تي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويندا، شهر ۾ ٿيندڙ مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جي روٽن تي صفائي سٿرائي، روشني جا بندوبست بهتر نموني ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ 21 رمضان شهادت امام علي عليه السلام جي حوالي سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ شيعه سني علماء ڪرام، مختلف تنظيمن جا نمائندا، رينجرز جي ونگ ڪمانڊر، پوليس، ميونسپل ڪارپوريشن، صحت، اسسٽنٽ ڪمشنرز سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊي سي سکر چيو ته شهادت واري ڏهاڙن دوران سيپڪو انتظاميه کي هدايت ڪئي ته لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي. ڊي سي سکر ماتمي جلوسن جي متولين، روٽ پرمٽ هولڊرز، امام بارگاهن جي بانين کي اپيل ڪئي ته مجلسن، جلوسن سميت ٻين پروگرام ۾ وقت جي پابندي تي ڌيان ڏين. ڊي سي سکر هيلٿ کاتي سکر کي هدايت ڪئي ته ماتمي جلوسن جي روٽن تي ميڊڪل ڪئمپ قائم ڪري ڊاڪٽرز، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ دوائون جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ، هن اي سيز کي هدايت ڪئي ته رضاڪارن جي فهرست پڻ فراهم ڪئي وڃي. ڊي سي سکر ڊي آءِ بي انچارج کي هدايت ڪئي ته ماتمي جلوسن، مجلسن ۽ امام بارگاهن جي حفاظت لاءِ ڪانٽيجنسي پلان مطابق پوليس اهلڪار مقرر ڪيا وڃن شهر ۾ داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ ۽ پوليس پڪٽن تي پڻ. جوان مقرر ڪيا وڃن. ڊي سي سکر شهزاد طاهر ٿهيم گڏجاڻي ۾ شريڪ سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته شهادت امام علي عليه السلام جي سلسلي ۾ رٿابندي ۽ فيلڊ ۾ ڪم بابت مڪمل تفصيل ڊي سي آفيس کي فراهم ڪئي وڃي ۽ مقرر آفيسرن کي پابند ڪيو وڃي ته هو پنهنجي ذميواريون سٺي ريت ادا ڪن غفلت ۽ لاپرواهي ڪرڻ وارن کي بخش نه ڪيو ويندو.