سکر : ڏيرن جي مبينه ڏاڍاين خلاف پراڻي سکر جي علائقي نمائش چوڪ جي رهواسي ميراڻي برادري جي عورت ٽن ٻارن جي ماءُ بيواهه مسمات سيما زال الله ڏيوايو

سکر : ڏيرن جي مبينه ڏاڍاين خلاف پراڻي سکر جي علائقي نمائش چوڪ جي رهواسي ميراڻي برادري جي عورت ٽن ٻارن جي ماءُ بيواهه مسمات سيما زال الله ڏيوايو ميراڻي پنهنجي معصوم پٽ محب علي۔امڙ مائي ڀاڳل ۽ ٻين سان گڏ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو آھي ته سندس مڙس الله ڏيوايو ٻه سال اڳ فوت ٿي ويو هو جهن جي ملڪيت زرعي زمين۔گهر ۽ رقم ڦٻائڻ لاء ڏير زبردستي نڪاح ڪري مڙس جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهن پيا انڪار تي کيس ڏير اصغر علي ۽ اڪبر علي بلاجواز تشدد ڪندا هئا ۽ معصوم ٻارن کي به مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۔هڪ مهينو اڳ گهر ۽ ملڪيت تي قبضو ڪرڻ لاءِ سخت تشدد ڪري مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آھي الماري ۾ رکيل هزارين روپيا روڪ رقم به کنئي آھي هڪ مهيني کان ٻارن سميت والدين جي گهر رهان پئي شڪايتون ڪرڻ تي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن جنهن سبب منهنجي ۽ ٻارڙن جي حياتن کي جوابدارن مان خطرو آھي ۔متاثر عورت اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.