سکر: ڪئنالن خلاف جي يو آءِ طرفان علامه راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياءَ مٿان اڏيل پل تي ڌرڻو

سکر:جي يو آءِ طرفان سنڌو درياءَ تي ڪئنالن خلاف ڏنل  سڏ تي علامه راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياءَ مٿان اڏيل پل تي ڌرڻو هنيو ويو. سنڌو بچايو سنڌ بچايو مهم جي سلسلي ۾ سکر بئراج تي هنيل ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪندي علامه ڊاڪٽر راشد محمود سومرو چيو ته صوبن کي ڪمزور ڪري وفاق ڪيئن مضبوط ٿي سگهي ٿو. 91 اڪارڊ تحت جيڪو پاڻي ملڻو آهي ان کان به 55 سيڪڙو گهٽ ملي رهيو آهي ته پوءِ چولستان ڪينال لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيندا، هن چيو ته حڪمرانن چون ٿا ته فلڊ جي پاڻي مان آبادڪاري ڪنداسين، توھان سنڌ وارا ٻڌايو تہ گذريل 15 سالن کان ٻوڏ آئي آھي  وري ڪڏھن چون ٿا تہ برساتن جي پاڻي تي آبادڪاري ڪنداسين،  ٻڌايو تہ سنڌ ۾ ڪيتريون برساتون ٿي رھيون آھن، ھي ڪوڙا سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ چاهين ٿا، ٿا.چولستان جي آبادڪاري ارب پتي ۽ مالدارن جي وس جي ڳالھ ھوندي. هن چيو ته منھنجي ڀاءَ بلاول ڀُٽو زرداري وفاق جي خلاف بيان ڏيندي جيڪو ڳالھايو ان ۾ ھڪڙي ڳالھ بار بار دھرائي تہ پاڪستان کپي، منھنجا ڀاءَ سنڌ جا 99 فيصد قومپرست بہ پاڪستان جي خلاف ناھن، پير سائين پاڳارو ۽ جمعيت علماءِ اسلام بہ پاڪستان جي خلاف ناھن، اسان تہ ھن آئين سان ملڪ سان گڏ بيٺا آھيون، ھن ملڪ جي جنگ وڙھندي منھنجي قائد مولانا فضل الرحمان، مولانا عبدالغفور حيدري، اڪرم خان دراني تي حملا ٿيا اسان جا عالم مفتي نظام الدين شامزئي، مفتي جميل ۽ علامه خالد محمود سومرو ھن ملڪ جي جنگ وڙھندي شھيد ٿي ويا اسان جي جماعت 90 جنازہ ھڪ ٽائم ھن ملڪ سان بيھڻ جي سزا طور کنيا آھن. پاڪستان جي عوام پاڪستان کي ڪمزور نٿي ڪرڻ چاھي، جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ نٿو چاھي، پر اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمرانن جي غلط فيصلن ملڪ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي، اڄ خيبرپختونخواهه توھان کان بيزار آھي بلوچستان توھان سان بغاوت ڪري رهيو آهي، سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي، بلاول صاحب پاڪستان کپي جو نعرو ھڻڻو اٿئو تہ وڃي بلوچستان ۾ هڻي ڏيکاريو، ڪي پي ڪي ۾ ھڻي ڏيکاريو، بلاول صاحب احتجاج ڪرڻ اپوزيشن جو ڪم آھي، توھان تہ حڪومت ۾ آھيو توھان احتجاج نہ ڪيو توھان فيصلا ڪيو توھان وٽ صدارتي ھائوس آھي اگر توھان کان فيصلا نہ ٿا ٿين تہ پوءِ حڪومت کان الڳ ٿي اچي سنڌ جي عوام سان ويھو توھان جي ڳلي ۾ پھريون گلن جو ھار راشد محمود سومرو وجھندو، ان موقعي تي جي يو آء سنڌ جو امير مولانا عبدالقيوم ھاليجوي ،مفتي سعود افضل ھاليجوي ،مولانا محمد صالح انڍڙ،ڊاڪٽر اي جي انصاري ،مولانا عبدالله مھر،مولانا عبدالحميد مھر، سيد ولي اللہ شاه امروٽي مولانا محمد طيب ميکو، آغا تيمور پٽاڻ ۽ ٻين تقريرن ۾.چيو عالمي شرعي،تاريخي.فيصلن تحت درياء جي پڇڙي سنڌ آھي انڪري پنجاب سنڌو تي ڪينال ڊيم يا بند نه ٿو ٺاھي سگھي، سنڌين کي بغاوت طرف نه ڌڪيو وڃي ڌرڻي سبب 10ڪلوميٽر رستو بلاڪ رھيو ھوڏانھن سکر بيراج مان واري اڏامندي عوام ظالمن کي پٽيون پاراتا ڏيندا رھيا