سکر: ڪرڪيٽ کيڏندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 13 ورهين جو نينگر فوت

سکر ۾ 13 ورهين جو نينگر آذان ولد عبد الفتاح شيخ فوت ٿي ويو. ميونسپل اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ کيڏندي جڏهن بال کڻڻ ويو ته بجلي جي ٿنڀي مان لڳندڙ ڪرنٽ سبب هو موقعي تي ئي جان وڃائي ويٺو. لاش اسپتال منتقل ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. گهر پهچڻ تي ماحول سوڳوار بڻجي ويو ۽ ڪهرام مچي ويو.