سکر: گورنمينٽ رٽائرڊ ٽيچرس ايسوسي ايشن پاران پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي گلوپ چونڪ کان سکر نيشنل پريس ڪلب پهتي، ريٽائرڊ ٽيچرز پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪندي اڳواڻ عبدالرشيد کوسو، محمد بخش مهر، گلزار احمد منگي، عبدالعزيز ملڪ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سنڌ صوبي جي رٽائرڊ استادن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، استادن جو گروپ انشورنس رٽائرڊ الائونس وغيره جون پڻ سهولتون ڏنيون وڃن، هڪ پاڪستان ٻه پاليسيون، صوبه بلوچستان ۽ پنجاب، ڪي پي ڪي ۾ پڻ سهولتون ڏنيون ٿيون وڃن، جڏهن ته رڳو صوبہ سندھ جي استادن سان نا انصافيون ڪيون وڃن ٿيون گورنمينٽ رٽائرڊ ٽيچرز ايسوسي ايشن سکر جي صدر محمد بخش مهر چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب رٽائرڊ استاد سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن،هن مهانگائي ۾ گھر جي خرچن کي پورو ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي ويو آهي، سندس مطالبو ڪندي چيو ته هن مهانگائي ۾ ريٽائرڊ پنشن وغيره ۾ /100 فيصد اضافو ڪيو وڃي