سکر ۾ برسات سبب پيش آيل ٻن مختلف حادثن ۾ ٻن ٻارن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب روهڙي واري علائقي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 2 ٻار ۽ هڪ عورت فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻيا 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. ساڳئي وقت ريلوي آفيسر ڪلب ڀرسان امام بارگاهه جي ڇت ڪرڻ سبب موذن موقعي تي فوت ٿي ويو. واضح رهي ته موسميات کاتي 11 سيپٽمبر تائين سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري رکي آهي، جنهن تحت گذريل ڏينهن حيدرآباد، سجاول، ٺٽو، سکر، اوٻاوڙو، ڏهرڪي، ميرپورماٿيلو ۽ نوشهروفيروز ۾ طوفاني برسات وسندي رهي. سکر ۾ برسات سبب ڪيترائي اهم روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. ٻئي طرف موسميات کاتي ايندڙ 2 ڏينهن ۾ وڌيڪ تيز برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 9 سيپٽمبر تي گڊو بئراج تي پاڻي عروج تي هوندو، جنهن لاءِ لڏپلاڻ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي.