سکر: ۾ سماجي تنظيمن پاران پاڪ فوج جي حق ۾ گڏيل ريلي ڪڍي وئي ،ريلي ميناره چونڪ کان گهنٽاگهر تائين ڪڍي وئي،

سکر: ۾ سماجي تنظيمن پاران پاڪ فوج جي حق ۾ گڏيل ريلي ڪڍي وئي ،ريلي ميناره چونڪ کان گهنٽاگهر تائين ڪڍي وئي،ريلي جي اڳواڻي وبليو ڊي او پاڪستان جو صدر رياض سولنگي ۽ اسٽپ فائونڊيشن جي چيئر پرسن شائستا کوسو ڪري رهي هئي،پاڪ فوج آهي ته پاڪستان آهي ۽ پاڪستان آهي ته اسان آھيون ،اڳواڻ تفصيل موجب،سکر ۾ سماجي تنظيمن پاران پاڪ فوج جي حق ۾ گڏيل ريلي ڪڍي وئي ،ريلي ميناره چونڪ کان گهنٽاگهر تائين ڪڍي وئي جتي اڳواڻن خطاب ڪيو،جڏهن ته ريلي جي اڳواڻي وبليو ڊي او پاڪستان جو صدر رياض سولنگي ۽ اسٽپ فائونڊيشن جي چيئر پرسن شائستا کوسو ڪري رهيا هئا ان موقعي تي ڊبليو ڊي او پاڪستان جي صدر رياض احمد سولنگي جو چوڻ هو ته پاڪ فوج آهي ته پاڪستان آهي ۽ پاڪستان آهي ته اسان آھيون،پاڪ فوج اسان جي بارڊرن جي حفاظت ڪري ٿي جنهن ڪري اسان سڪون سان ننڊ ڪيون ٿا هن چيو ته پاڪ فوج اسان جي ملڪ جي حفاظت ڪري ٿي پر ڪجهه ملڪ دشمن قوتن ڪور ڪمانڊر جي گهر تي پاڪستان جي قيمتي اثاثن تي حملو ڪري هڪ ڪريل حرڪت ڪئي آهي جنهن جي اسان سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا ان موقعي تي اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئر پرسن شائستا کوسو جو چوڻ هو ته پاڪ فوج اسان جي ملڪ جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندي آهي پر ڪجهه شرپسند ماڻهن ڪريل حرڪت ڪري ملڪ جو نقصان ڪيو آهي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا ،هن چيو ته پاڪ فوج ملڪ لاءِ بيشمار قربانيون ڏنيون آهن، ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملهائي گڏ بيٺل آهي، پاڪ فوج دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو حوصلو ۽ همت رکي ٿي، اسان پاڪ فوج سان هر قدم تي گڏ آهيون ۽ وطن جي بقا خاطر پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا سين ،جڏهن ته پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ۾ شهرين ،سول سوسائٽي ۽ تنظيمن جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پاڪستاني پرچم ۽ بينر کنيل هئا، جڏهن ته ريلي دوران اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پاڪ فوج خلاف گندي زبان استعمال ڪرڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، اسين پاڪستاني عوام پاڪ فوج سان هر مشڪل وقت ۾ سدائين گڏ آهيون.