سکر: ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروايون، 10 اسپتالون سيل، خبرموجب سنڌ هيلٿ ڪيئر سکر ڊويزن پاران سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون

سکر : ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروايون، 10 اسپتالون سيل، خبرموجب سنڌ هيلٿ ڪيئر سکر ڊويزن پاران سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون ۽ غير قانوني ليبارٽريون قائم هجڻ خلاف ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن. سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن سکر ڊويزن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر مجاهد حسين ميڊيڪل ايڪسپرٽ جاويد شيخ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبداللطيف ڪاشف جي اڳواڻي ۾ خيرپور ضلعي جي گمبٽ ۽ ڪنگري وارن علائقن ۾ قائم عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن تي ڇاپا هڻي 10 کان وڌيڪ غير قانوني اسپتالون ۽ ليبارٽريون سيل ڪري ڇڏيون آهن. ان ڏس ۾ ڇاپا مار ٽيم جي ڊاڪٽر مجاهد حسين صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ هيلٿ ڪميشن پاران غير قانوني اسپتالن، عطائي ڊاڪٽرن خلاف ملندڙ شڪايتن تي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. سکر ريجن ۾ جتي به عطائي ڊاڪٽر عوام جو علاج ڪندا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.