سکر: ۾ وڪيل برادري پاران ساٿي وڪيل جي ڦرلٽ خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.ان سلسلي ۾ سکر جي سيشن ڪورٽ ۽ ٻين ماتحت عدالتن ۾ وڪيلن پاران سکر جي وڪيل ايڊووڪيٽ پريم ڪمار ۽ سندس ساٿين

سکر: ۾ وڪيل برادري پاران ساٿي وڪيل جي ڦرلٽ خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.ان سلسلي ۾ سکر جي سيشن ڪورٽ ۽ ٻين ماتحت عدالتن ۾ وڪيلن پاران سکر جي وڪيل ايڊووڪيٽ پريم ڪمار ۽ سندس ساٿين جي روهڙي ۾ ٿيل ڦرلٽ واري واقعي خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار سکر جي صدر شفقت رحيم راجپوت، جنرل سيڪريٽري الاهي بخش ميتلو، قربان ڪلوڙ، ۽ ٻين ايڊووڪيٽ پريم ڪمار ۽ سندس ساٿين جي لٽ مار واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هنن پوليس ۽ انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان بازياب ڪرايو وڃي، ڊاڪٽرز، صحافين سميت سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ عام شهرين جي جان ۽ مال کي تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جي فرض ۾ شامل آھي پر پوليس جي نااهلي سبب اهڙا واقعا ڏينهون ڏينهن ٿي رهيا آهن. پوليس ۽ ٻيا ادارا نوٽيس وٺڻ ۽ ڪارروائي ڪرڻ بدران اکيون ٻوٽي رهيا آهن، جنهن سبب سکر جا شهري عدم تحفظ جو شڪار آهن.