سکر: ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ اسٽيپ فائونڊيشن چيئر پرسن ميڊم شاعستا کوسو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب آڏو پاڪ فوج جي

سکر : ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ اسٽيپ فائونڊيشن چيئر پرسن ميڊم شاعستا کوسو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب آڏو پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعرا هنيا ريلي ۾ شامل مرد ۽ ليڊيز ڪارڪنن جي هٿن ۾ پاڪستان جا جهنڊا ۽ پاڪ فوج جي سالار جنرل عاصم منير ۔آء ايس آء۔ايم آئي ڊائريڪٽر جنرل جون تصويرون کڻي حق ۾ پاڪ فوج زنده باد۔پاڪستان زنده باد جا نعرا پڻ هنيا ۔ان موقعي تي ميڊم شاعستا کوسو ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪ فوج ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ۽ ملڪ دشمن عنصرن سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن پاڪ فوج خلاف ڪنهن به قسم جي ڪوڙي واويلا برداشت نه ڪئي ويندي هنن چيو ته پاڪ فوج هميشه ملڪ جي سلامتي لاء جاکوڙ ڪئي آهي سياسي ويڙھ جي آڙ ۾ پاڪ فوج کي نشانو بڻائڻ مذمت جوڳو عمل آهي هنن چيو ته ملڪ هن وقت سياسي بحران جي ور چڙھيل آهي هر طرف افراتفري وارو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي سياستدانن کي عوام جي ڪا به پرواه ناهي فقط کين ڪرسي گهرجي ملڪ جو عوام مهانگائي بيروزگاري بک ۽ بدحالي ۾ وڪوڙيل آهي پر افسوس جو هن مهل تائين ڪنهن به سياستدان عوام کي رليف ڏيڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي ۽ سياسي جنگ ۾ ملڪ جي مقدس ادارن ۽ پاڪ فوج جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو آھي هنن مطالبو ڪيو آهي ته سياسي ويڙهه ۾ قومي ادارن کي نشانو بڻائڻ بند ڪيو وڃي اسين پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهيون۔