سکر : 12 مئي ڪراچي سانحي خلاف سکر ۾ وڪيلن ڪارو ڏينهن ملهايو.احتجاج نعري بازي۔ملوث جوابدارن کي بينقاب ڪرڻ

سکر : 12 مئي ڪراچي سانحي خلاف سکر ۾ وڪيلن ڪارو ڏينهن ملهايو.احتجاج نعري بازي۔ملوث جوابدارن کي بينقاب ڪرڻ جو مطلبو ۔ان سلسلي ۾ ڪراچي 12 مئي سانحي خلاف سڄي سنڌ وانگر سکر ۾ به وڪيل برادري پاران وڪيل اڳواڻ سردار قربان ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيشن ڪورٽ جي احاطي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.ان موقعي تي وڪيلن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ڪراچي دوري دوران دهشتگردن خون جي هولي کيڏي، بيگناهه شهرين کي قتل ڪيو ۽ وڪيلن کي جيئرو ساڙيو، پر اڄ تائين هڪ به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، ڪيس سرد خاني حوالي ڪيو ويو آھي. وڪيلن مطالبو ڪيو ته 12 مئي سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي بي نقاب ڪري گرفتار ڪيو وڃي.