سکر:18 اپريل تي ٽائون ڪميٽي ون محراب پور جي ٿيندڙ چونڊ ملتوي ڪرڻ ۽ پ پ اميدوار طرفان ڌمڪيون ڏيارڻ خلاف آزاد اميدوار خان محمد نوناري پاران ٽن وڪيلن ايڊووڪيٽ فياض راڄپر۔وڪيل رحيم بخش مهر ۽ وڪيل

سکر:18 اپريل تي ٽائون ڪميٽي ون محراب پور جي ٿيندڙ چونڊ ملتوي ڪرڻ ۽ پ پ اميدوار طرفان ڌمڪيون ڏيارڻ خلاف آزاد اميدوار خان محمد نوناري پاران ٽن وڪيلن ايڊووڪيٽ فياض راڄپر۔وڪيل رحيم بخش مهر ۽ وڪيل غزاله حسين معرفت سنڌ هائي ڪورٽ سکر بينچ ۾ داخل ڪرايل پٽيشن جي ٻڌڻي جسٽس ظفر راجپوت ۽ جسٽس ذوالفقار علي ڪئي ٻڌڻي ڪندي عدالت ايس ايس پي نوشهروفيروز کي پٽيشنر خان محمد نوناري کي تحفظ ڏيڻ سميت سندس جا الڪشن بابت سيڪورٽي خدشا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو۔عدالتي احاطي ٻاهران پٽيشنر سان گڏ ايڊووڪيٽ فياض راڄپر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 18 اپريل تي ٽائون ڪميٽي ون محراب پور جي چونڊ ٿيڻي هئي جنهن کي مخالف پ پ اميدوار الڪيشن ڪميشن آف پاڪستان کي درخواست ڏئي هئي جنهن بعد 18 اپريل تي ٿيندڙ اليڪشن ڪينسل ڪندي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 7مئي تي نئين تاريخ مقرر ڪئي آھي۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته پ پ اميدوار پهنجي ويجهي مائٽ ايس ايڇ او محراب معرفت مختلف ٿاڻن تي 20 ڪوڙا منشيات جا ڪيس داخل ڪرايا هئا انهن سڀني ڪيسن جي ضمانت ڪرائي آھي ۽ ڪجھ ڪيسن مان بري ٿيو آھي عدالت ايس ايس پي نوشھروفيروز کي حڪم ڏنو آھي ته پولنگ اسٽيشنز تي سيڪورٽي جا انتظام ڪرڻ سميت خان محمد نوناري جا مسئلا حل ڪرڻ سان گڏ کيس سيڪورٽي فراهم ڪئي وڃي۔