خيرپور:شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪاميٽي (آئي آر سي) ۽ يونيسيف جي انتظام هيٺ ٻارن جي ڄمڻ جي رجسٽريشن بابت آگاهي سيشن ۽ برٿ سرٽيفڪيٽ ورھائڻ واري تقريب يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس سوسائٽيز سينٽر ۾ منعقد ٿي. پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو وائيس چانسلر تقريب جي صدارت ڪئي جڏھن ته ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو تقريب جو خاص مھمان ھو. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز ۽ پروفيسر ڊاڪٽر مينھون خان لغاري رجسٽرار اعزازي مھمان ھئا. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي ۾ آئي آر سي جون ڪوششون تعريف جي لائق آھن خاص طور تي آئي آر سي ٻوڏ متاثرن جي ٻارن جي پيدائش جي رجسٽريشن ۽ برٿ سرٽيفيڪيٽ جي فراهمي ۾ پنھنجو ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي. ھن چيو ته برٿ سرٽيفڪيٽ ٻارن جو قانوني حق ۽ سماج ۾ انھن جي سڄاڻ آھي. ھن چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سماج ۾ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ لاتعداد سيمينار ۽ ورڪشاپ منعقد ڪرايا آھن. ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو خيرپور ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ تي ايس ايس پي خيرپور کي ساراهيو. ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ بحالي ۾ آئي آر سي ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور اھم ڪردار ادا ڪيو آهي. ھن چيو ته برٿ سرٽيفڪيٽ ھڪ اھم دستاويز آهي جنھن سان مردم شماري ۾ مدد ملي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ عوام کي بھتر سھولتون مھيا ٿينديون. ھن چيو ته ٻوڏ دوران خيرپور جي ماڻهن انتھائي خراب صورتحال کي منھن ڏنو. خيرپور پوليس اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ ٻوڏ متاثرن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي. ھن يونيورسٽي ۾ نصابي ۽ ھم نصابي سرگرمين جي ڀرپور انعقاد تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي ساراهه ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ آئي آر سي پنھنجو ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي. ھن چيو ته برٿ سرٽيفيڪيٽ ڊوميسائيل ۽ ٻيا اھم ڪاغذ حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ بنيادي سرٽيفڪيٽ آھي. پروفيسر ڊاڪٽر مينھون خان لغاري آئي آر سي جي عوام جي فلاح ۽ بھبود لاءِ آئي آر سي پاران کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي ۽ يونيورسٽي ۾ مثبت سرگرمين کي ھٿي ڏيڻ تي وائيس چانسلر کي ساراھيو. آئي آر سي جي پروجيڪٽ مئنيجر عديل احمد شيخ چيو ته آئي آر سي جي پليٽ فارم تان ٻوڏ متاثرہ علائقن جي ٽي ھزار کان وڌيڪ ٻارن جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه ٻوڏ متاثرن جي مالي مدد سان گڏوگڏ سياري دوران گرم ڪپڙا پڻ فراھم ڪيا ويا آهن. آئي آر سي جي جينڊر بيسڊ وائلنس آفيسر تراب سومرو برٿ سرٽيفڪيٽ جي حصول جي طريقي ڪار ۽ برٿ سرٽيفيڪيٽ جي اھميت تي روشني وڌي. ڊاڪٽر علي رضا لاشاري اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا ۽ برٿ سرٽيفڪيٽ جي اھميت ۽ افاديت تي پنھنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي مھمان کي شيلڊون ۽ اجرڪ پيش ڪيون ويون ۽ ٻوڏ متاثرن جي ٻارن جا برٿ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. تقريب ۾ ڊاڪٽر لياقت علي چانڊيو، سائره بانو چانڊيو، مھناز بوزدار، صحافين، لاڳاپيل يونين ڪاؤنسلز جي چيئرمين ۽ سيڪريٽريز شرڪت ڪئي.