“شاھ جا بيت چوندڙ سگھڙ فقير ڪريم بخش جيري جي مرض ۾ مبتلا، علاج لاءِ ثقافت کاتي کان مدد جي اپيل”

ٺڪراٺو ويجھو ٿري علائقي جو رھواسي شاھ جو پيغام در در پھچائيندڙ ناليوارو سگھڙ فقير ڪريم بخش مڱڻھار جيري جي مرض ۾ مبتلا غربت سندس علاج ۾ رنڊڪ سموري زندگي شاھ جا بيت چئي امن ۽ پيار جو پيغام در در پھچايو پر افسوس ڪنھن سار نه لڌي جنھن ساڳيا شعر چيا انھن کي عزت ۽ مقام مليو منھنجا ميرا ڪپڙا ھئا در در ڌڪا مليا سنڌ جو ثقافت کاتو نوٽيس وٺي منھنجو علاج ڪرائي بقايا زندگي به شاھ جا بيت چئي سگھڙائپ ۾ گذاريندس فقير ڪريم بخش مڱڻھار جو مطالبو ٺڪراٺو(رپورٽ) ٺڪراٺو ويجھو ٿري علائقي جي ڳوٺ ڪٽڻھارو جو رھواسي شاھ جو پيغام در در پھچائيندڙ ناليوارو سگھڙ فقير ڪريم بخش مڱڻھار ڪجھ مھينن کان جيري جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو غربت سندس علاج ۾ رنڊڪ آھي ناليوارو سگھڙ فقير ڪريم بخش بيماري سبب ھن وقت زندگي ۽ موت جي ٻي واٽي تي بيٺل آھي سندس بھتر علاج نه ٿي سگھيو آھي جنھن سبب سندس طبعيت خراب ٿيڻ لڳي آھي انھي حوالي سان فقير ڪريم بخش مڱڻھار صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته مون سموري زندگي شاھ جا بيت چئي امن ۽ پيار جو پيغام در در پھچايو پر افسوس جو منھنجي ھن وقت تائين ڪنھن به سار نه لڌي آھي جن ماڻھن ساڳيا شعر پڙھيا انھن کي عزت ۽ مقام مليو منھنجا ميرا ڪپڙا ھئا جنھن ڪري در در ڌڪا مليا بيمار سگھڙ سنڌ جي ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي منھنجو علاج ڪرائي بقايا زندگي به شاھ جا بيت چئي سگھڙائپ ۾ گذاريندس.