شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڊائريڪٽوريٽ جنرل هيلٿ سروسز سنڌ، ڪميونيڪيبل ڊيزيزز ڪنٽرول، نئي زندگي ٽرسٽ ۽ يونيورسٽي جي هيلٿ ۽ هائيجين سوسائٽي پاران ايڇ آءِ وي ايڊز بابت آگاهي سيشن منعقد ڪيو ويو. سيشن جي صدارت پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري چيو تہ اسان جي سماج ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز جا ڪيسز وڌي رهيا آهن، ان ڪري هن مرض بابت سماج ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جا شاگرد سماج جا سفير آهن، هو عوام کي ايڊز جي باري ۾ آگاهه ڪندا. هن چيو ته شاگردن جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته شاگرد پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۾ غريب عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا. نئي زندگي ٽرسٽ جي ڪوآرڊينيشن منيجر ڊاڪٽر غوث بخش ملڪ ايڇ آئي وي ايڊز جي سماج ۾ پکيڙ بابت آگاھي ڏني. هن چيو ته سيڪس ورڪز سماج لاءِ انتهائي غير محفوظ آهن. استعمال ٿيل سرنج جو استعمال، غير تصديق ٿيل رت جي منتقلي، استعمال ٿيل ريزر بليڊ جو استعمال، ڊاڪٽرن جا اوزار ۽ عطائي حڪيم ايڊز جي پکيڙ جا بنيادي سبب آهن. هن چيو ته تصديق ٿيل رت جي منتقلي، نئين سرنج، نئين بليڊ يا ريزر جي استعمال سان ايڊز کان بچي سگهجي ٿو. هن عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي ڪوششن کي ساراهيو. ڪميونيڪيبل ڊيزيزز ڪنٽرول سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شير خان جوڻيجو چيو ته هن وقت سنڌ صوبي ۾ سرڪاري ۽ خانگي شعبي ۾ 18 ايڊز ٽيسٽنگ ۽ علاج جا مرڪز ۽ ليبارٽريون ڪم ڪري رهيون آهن. جتي مفت اسڪريننگ ٽيسٽ جي سهولت، علاج ۽ ايڇ آءِ وي جون دوائون ڏنيون وينديون آهن. هن چيو ته هي آگاهي سيشن ڪارائتو ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ جو ھن سيشن ۾ شاگردن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر فلڪ شير سھتو پڻ خطاب ڪندي موضوع جي اھميت تي روشني وڌي. ڊاڪٽر علي رضا لاشاري انچارج اسٽوڊنٽ سوسائٽيز سينٽر اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا. سيشن کانپوءِ 84 ملازمن ۽ شاگردن جا اسڪريننگ ٽيسٽ ڪيا ويا، جن جا نتيجا منفي آيا. سيشن ۾ شاگردن ۽ ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.