شراب ۽ هٿيار هٿ اچڻ جو ڪيس: ڪي پي ڪي جي وڏي وزير گرفتاري کان بچڻ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

خببرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور هٿيار ۽ شراب هٿ اچڻ جي ڪيس ۾ عدالتي حڪمن تي گرفتاري کان بچڻ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي جج شائسته خان ڪنڊي گذريل ڏينهن هٿيار ۽ شراب هٿ اچڻ جي ڪيس ۾ لاڳيتو غير حاضري تي علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.عدالت ايس ايڇ او بهاره ڪهو کي حڪم ڏنو هو ته علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي پر عدالتي حڪمن جي باوجود علي امين گنڊاپور کي اڄ عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو.هاڻ اهي اطلاع آهن ته علي امين گنڊاپور گذريل ڏينهن جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي فيصلي خلاف راهداري ريمانڊ جي لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي، ان کان علاوه علي امين گنڊاپور جوڊيشل مئجسٽريٽ جي آرڊر خلاف سيشن عدالت اسلام آباد سان به رابطو ڪيو آهي.علي امين گنڊاپور درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هٿيار ۽ شراب هٿ اچڻ جي ڪيس ۾ بريت جي درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، گذريل ڏينهن جوڊيشل مئجسٽريٽ قانون جي خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي حڪمنامي خلاف نظرثاني اپيل منظور ڪئي وڃي.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.