ڪراچي: سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گڊو بيراج تي پاڻي جو وهڪرو في الحال معمول مطابق آهي ۽ صورتحال به مڪمل طور واضح ناهي، پر مها ٻوڏ جو خطرو اڃا تائين ختم نه ٿيو آهي۔ سنڌ رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل جي دوري کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته: ٻوڏ جي پاڻي کي روڪڻ يا ڪنهن بند کي ڪٽ لڳائڻ جي ضرورت ناهي. موسميات کاتي جون اڳڪٿيون اڪثر صحيح ثابت ناهن ٿينديون وڏي وزير جي هدايت تي فلڊ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي جيڪو 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي، جتي صحت کاتو، ماحوليات ۽ 1122 جا نمائندا موجود آهن۔ سينيئر وزير ٻڌايو ته: سنڌ حڪومت 24 ڪلاڪن ۾ 28 هزار ماڻهن کي ڪچي جي علائقن مان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو آهي، جڏهن ته ڪل انگ 94 هزار تائين پهچي ويو آهي۔ لڳ ڀڳ24لک مال مويشي ٻوڏ سبب متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، جن مان 3 لک کي منتقل ڪيو ويو آهي۔ اٽڪل 6 لک جانورن کي ويڪسينيشن به اڃا نه ملي آهي۔ شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته چيئرمين ۽ صدر جي خاص هدايت تي ڪارڪن ميدان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته بلاول ڀٽو اڄ کان پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو۔ رليف ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن جتي سڀ سهولتون موجود آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته ڀارت آبي جارحيت جاري رکي ٿو ۽ ان جي نيت ڪڏهن به پاڪستان لاءِ سٺي ناهي رهي۔ ڊيمز سوچي سمجهي ٺاهڻا پوندا، ۽ هاڻي لانگ ٽرم پلاننگ جي ضرورت آهي، آبي ماهرن سان گڏجي مستقبل جا فيصلا ڪرڻ لازمي آهن۔ شرجيل ميمڻ مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو ته: “جيڪي ماڻهو ڪڏهن درياهه ڏٺو به ناهي، يا ڪنهن کي هڪ ٻوري راشن به ناهي ڏني، اهي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن۔” دوري دوران صوبائي وزير کي سيڪريٽري ماحوليات زبير چنه به بريفنگ ڏني۔