شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پرڏيهي وفد جي پهچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.ايئرپورٽ ذريعن موجب ايس سي او سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ پرڏيهي وفد جي پهچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، انهي سلسلي ۾ ڀارت جو 4 رڪني سرمائيڪاري وفد پاڪستان پهچي ويو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته روس جو 76 رڪني جڏهن ته چين جو 15 رڪني وفد به شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد پهتو آهي. ذريعن موجب ڪرغزستان جو 4 رڪني ۽ ايران جو 2 رڪني وفد به اسلام آباد پهچي ويو آهي. جڏهن ته شنگهائي تعاون تنظيم جا 7 نمائندا به پاڪستان پهچي چڪا آهن.ياد رهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس 15 کان 16 آڪٽوبر جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو. جنهن ۾ مختلف ملڪن جا 200 وفد شرڪت ڪندا.